حاجي محمد پريل مگسي

حاجي محمد پريل مگسي: پريل مگسي'>حاجي محمد پريل مگسي، ڀاڳناڙيءَ (بلوچستان) جو رھواسي ھو. اڳتي هلي ھالا کي پنھنجو مسڪن بڻايائين. حاجي محمد پريل پوليس کاتي ۾ جمعدار ھو، پر پوءِ پکن ڌڻيءَ جي صحبت ۾ نوڪري ترڪ ڪري، آخر تائين مخدوم صاحب جو خاص گارڊ ٿي رھيو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين. کيس خدمتگارن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مرحوم مرثيه گو شاعر ھو. سندس گھڻو ڪلام گم آھي. ڪجهه بيت ھڪ ٻه مرثيا ملن ٿا. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اول نـانءُ الله جـو، قــادر رَبُ قـھــار،
خـاونـد پنھنجي خـلـق ۾، سيد ڪيـو سـردار،
سڀ تي نبي سرورصه، ٿيو مڙني جو مـھـنـدار،
ڪريو هي! هي! مير حسين لئه، جو اڙين جو آڌار،
’پـريـل‘ تنـھـن پيـنـار، آھـي روز الـسـت کان.
(ياد رفتگان)


هن صفحي کي شيئر ڪريو